سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن

سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن

سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن

سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن: هيءُ هڪ نيم خودمختيار ادارو آهي، جنهن جو قيام 1992ع ڌاري عمل ۾ آيو. هن اداري جي قيام جو مقصد سنڌ ۾ تعليم جو فروغ، تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سنڌ جي ڏيهي علائقن ۾ اسڪول ۽ ٻين تعليمي ادارن قائم ڪرڻ کي هٿي وٺرائڻ هو.
ابتدائي مرحلي ۾ هي ادارو اسڪول/ ادارا قائم ڪرڻ لاءِ گهربل رقم امداد يا قرض جي صورت ۾ ادارن کي فراهم ڪندو هو، بعد ۾ هن ٻين ادارن سان گڏجي حصيدار (Partner) طور اسڪول قائم ڪرڻ، تعليم جي معيار کي يقيني بنائڻ ۽ استادن ۾ فني صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لاءِ مؤثر رٿائن کي عمل ۾ آندو:
هن اداري جا نمايان مقصد هيٺان آهن:
(1) لازمي تعليمي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ بهتر ۽ مؤثر قدم کڻڻ.
(2) سنڌ جي گهٽ ترقي يافته يا پوئتي پيل شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ تعليم جي فروغ لاءِ بهتر اپاءُ وٺڻ.
(3) تعليم جي معيار ۽ خواندگيءَ جي شرح وڌائڻ لاءِ مستحڪم قدم کڻڻ.
(4) بهتر تعليمي نظام جي قيام بابت سڄي صوبي مان تحقيقي سروي ڪرائڻ، تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪرڻ ۽ سروي مان اخذ ٿيل نتيجن جي مطالعي بعد مؤثر رٿون جوڙي، انهن تي عمل ڪرڻ/ ڪرائڻ.
(5) غير سرڪاري تنظيمن (NGOs) کي تعليم جي واڌاري لاءِ مالي مدد ڏيڻ وغيره.
هن وقت تائين ايجوڪيشن ائنڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي مالي سهڪار سان هن اداري، سڄي سنڌ ۾ اٽڪل ٻه هزار اسڪول ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن، جن ۾ لڳ ڀڳ اڍائي لک ٻار تعليم پرائي رهيا آهن.
سنڌ ايجوڪيشن فاؤنڊيشن ائڪٽ 1992ع هيٺ هيءُ ادارو بورڊ آف گورنرز جي هٿ هيٺ هوندو. بورڊ جو گورنر/سربراهه وزيرِ اعلى سنڌ ۽ وائيس چيئرمئن صوبائي وزير تعليم هوندو، جڏهن ته سنڌ ايجوڪيشن فاؤنڊيشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر بورڊ جو جنرل سيڪريٽري هوندو. بورڊ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سرڪاري ۽ غير سرڪاري آفيسر ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو شامل هوندا آهن.
موجوده وقت ۾ هن اداري جي ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جي ميمبرن جا نالا هيٺينءَ ريت آهن:
• پروفيسر انيتا غلام علي (چيئرپرسن، ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي)
• عزيز قلباڻي (جنرل سيڪريٽري، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي)
• جسٽس زاهد قربان علوي (ميمبر)
• واصف رضوي (ميمبر)
• قاضي عارف علي (ميمبر)
• فضل ڪريم کتري (ميمبر)
• معصومه جي لوٽيا (ميمبر)
• رفيق آخوند (ميمبر)
هن اداري طرفان ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ هڪ اردو، هڪ سنڌي ۽ ٻه انگريزي رسالا به شايع ڪيا وڃن ٿا، جن جا نالا هيٺينءَ ريت آهن:
(1) سجاڳ (سنڌي)، (2) پرورش (اردو)، (3) Nature، (4) Educate.


لفظ سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو